Saturday, 06-10-2018
سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن (سگا) طرفان سنڌ جي تفريحي ماڳ گورک هل جي بلند و بالا چوٽين تي گورک ماڳ کي اجاگر ڪرڻ لاءِ تاريخي ثقافتي پروگرام ٿي گذريو. جنهن ۾ سگا جي مختلف شاخن جي صدرن، جنرل سيڪريٽرين ۽ ميمبرن سميت سنڌ مان آيل سوين سنڌ واسين شرڪت ڪئي.. پروگرام جي صدارت سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي چيئرمين محترم رفيق احمد جعفري جي زير صدارت ٿي گذري. هن تاريخي پروگرام ۾ مرڪزي عهديدارن ۾ شامل محترم پيرل خان کوسو وائيس چيئرمين سگا، محترم منظور حسين اڄڻ سيڪريٽري جنرل سگا، محترم شمس الدين ساريو ڊپٽي سيڪريٽري جنرل سگا، محترم رفيق احمد سرهيو سيڪريٽري صحت سگا، محترم جاويد احمد انڙ سيڪريٽري تعليم سگا، محترم تاج محمد وساڻ سيڪريٽري اطلاعات سگا، محترم علي حسين بروهي، محترم ولي محمد روشن، محترم خالد حسين چنا، محترم خادم حسين ڪانڌڙو، محترم تاج محمد بلوچ، محترمه حميده خاصخيلي سميت مختلف مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي جي ميمبرن شرڪت ڪئي. هن پروگرام جي ڪمپيئرنگ محترم شهاب الدين شاهاڻي سيڪريٽري ثقافت ۽ محترم جاويد احمد انڙ جن گڏجي ڪئي، پروگرام جي شروعات ۾ سگا جي مختلف اديب ميمبرن ۽ اسڪالرن گورک جي تاريخ بابت مڪالا پڙهيا. ان کان پوءِ رات جي ماني جي وقفي کانپوءِ محفل موسيقي ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي ڀلوڙ مشهور راڳين احمد مغل، شبير شاهاڻي ۽ خوشبو لغاري پنهنجي خوبصورت آواز سان گيت پيش ڪري محفل کي جهومائي ڇڏيو.

Leave a Comment