سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ۽ سگا جي مرڪزي اڳواڻ، جسٽس رٽائرڊ سيد ديدار حسين شاهه جي لاڏاڻي تي تعزيتي ميڙاڪو مهراڻ هوٽل ممتاز هال، ڪراچي ۾ 8 فيبروري 2019ع تي ڪوٺايو ويو. جنهن ۾ محترم اشفاق احمد ميمڻ وزيراعليٰ جا خاص صلاحڪار جن خصوصي طور تي شرڪت ڪئي. ان کان علاوه سگا جي اعليٰ قيادت ۾ محترم رفيق احمد جعفري چيئرمين سگا، سگا جي باني ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، پروفيسر مظهرالحق صديقي اڳوڻو وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي، سيد ديدار حسين شاهه مرحوم جي فرزند سيد اسد علي شاهه، حسين شاهه راشدي اڳوڻو ايم اين اي حيدرآباد، ڊاڪٽر مصطفيٰ سهاڳ سيڪريٽري حڪومت سنڌ، پروفيسر سليم ميمڻ، محترم پيرل خان کوسو وائيس چيئرمين سگا، پروفيسر خالد حسين چنا سيڪريٽري جنرل سگا، دانشور محترم امان الله شيخ، محترم محمد اسلم شيخ، محترم ولي محمد روشن سگا جو اڳوڻو چيئرمين ۽ سيڪريٽري جنرل ۽ محترم منظور حسين اڄڻ سگا جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل پروگرام ۾ شامل هئا، جن مرحوم جسٽس سيد ديدار حسين شاهه جي خدمتن تي روشني وجهندي پنهنجا ويچار ونڊيا ۽ مرحوم جي موت کي قومي سانحو قرار ڏيندي چيو ته جسٽس سيد ديدار حسين شاهه جن جي سموري زندگي پنهنجي ملڪ جي ماروئڙن جي خدمت ڪندي گذري. سندن ڪيل خدمتن ۾ قانون، انصاف وارن شعبن ۾ ڪيل فيصلن، سياست ۽ سگا جي سماجي جاڳرتا ۽ سماجي خدمتن جي اڳواڻي ڪرڻ توڙي سنڌ ۾ ايندڙ قدرتي آفتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال ۾ ماروئڙن جي مدد ۽ واهر ڪرڻ لاءِ ڪيل خدمتن ۽ ڪارنامن کي سنڌ جي ساڃاهه وندن کي 21 صدي ۾ نئين ۽ جديد سنڌ جي اڏاوت لاءِ مضبوط بنياد وجهندڙ قرار ڏنو ويو. سندن جون ڪيل خدمتون ذريعي ايندڙ نسل پنهنجي وطن ۽ قوم جو مان مٿانهون ڪندا. هن پروگرام ۾ عبدالرحمان سيال، امام الدين، انجنيئر نعيم الرحمان آخوند، پروفيسر ايس ايم يوسف، مسعود عالم، خالد محمود اعواڻ ۽ ٻين سيد ديدار حسين شاهه جي زندگي ۽ ان جي ڪيل سماجي خدمتن تي روشني وڌي. هن تعزيتي ميڙاڪي ۾ جسٽس سيد ديدار حسين شاهه جي ساٿين ۽ ٻين ملڪ جي نامور اعليٰ شخصيتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، جن مرحوم جسٽس سيد ديدار حسين شاهه خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ سندس تصوير آڏو گلن نڇاور ڪيا ۽ ميڻ بتيون ٻاري محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪري ڀيٽا پيش ڪئي.

Leave a Comment