سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن سگا ڀٽائي آباد شاخ پاران اربع، 8 جنوري 2020ع تي ناليواري ليکڪ محترم الطاف شيخ سان مظهر ريسورس سينٽر، سگا هيڊ آفيس، رمپا پلازه ڪراچي ۾ شام ملهائي وئي.

تقريب جي صدارت سگا جي چيئرمين محترم رفيق احمد جعفري جن ڪئي. جڏهن تہ خاص مهمانن ۾ محترم پير مظهر الحق اڳوڻو تعليم جو وزير حڪومت سنڌ ، محترم امداد حسيني، محترم خالد حسين چنا سيڪريٽري جنرل سگا، محترم هدايت بلوچ، پروفيسر اعجاز قريشي، محترم محمد يوسف ميمڻ جنرل سيڪريٽري سگا اسلام آباد شاخ، محترم ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، محترم جاويد مهر، محترم تاج محمد وساڻ، محترم ڪرم الاهي چنا، محترم سليمان وساڻ، محترمہ سبين شھباز، محترمہ شبنم موتي، محترمہ حسينا آزاد جتوئي ۽ ٻيا شامل آهن.

ان کان علاوه سنڌ ۽ سگا سان تعلق رکندڙ مختلف اديبن، ليکڪن ۽ محققن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. هن تقريب جي ڪارروائي سگا ڀٽائي آباد شاخ جي صدر محترم انور مهراڻوي هلائي.